Sunday, 5 February 2017

Muhammad Ali


Muhammad Ali  Roll 62 2k13

آرٽيڪل
سانگهڙ جا تاريخي آثار مٽجڻ لڳا
هر ملڪ، شهر توڙي علائقو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهجي سڃاڻپ رکي ٿو، سنڌ ۾ لاڙڪاڻو موئن جي دري هالا جنڊي جي ڪم جي ڪري شڪارپور  آچار جي ڪري اهڙي نموني سانگهڙ ضلع آثا قديم جي ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو هن ضلع ۾ شهر شهدادپور کان 6 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آڳاٽي زماني ۾ برهمڻ آباد نالي هڪ وڏو عاليشنا شهر هو جيڪو ڪجهه چوڻين موجب  قدرتي طوفان اچڻ ڪري تباهه ٿيو هو، هي شهر ستين صدي کان کان الڳ بڌو ويو هو جنهن جا 400 کان وڌيڪ ٺل هئا،سڄو شهر پڪين سرن جو جڙيل هو ان ڪري  اڄ به اتي وڃي ڏسو ته سرن جي ٽڪرن جا ڍير لڳا پيا آهن  ۽ هر طرف  سچ واڪا پئي ڪري تحقيق دورن ماڻهن ۽ پالتو جانورن جا هڏا ۽ ٻيون استعمال جون شيون جهڙوڪ عورتن جا زيور ۽ ٺڪر جا ٿانو پڻ ملن ٿا. ان کان علاوه ڪا شي  جو سامان، شيشي تي نقش بگاري جنهن تي شينهن ۽  ڍڳي جون شڪلون ٺهيل آهن پڻ مليا آهن.
1854ع ۾ آرڪيالاجسٽ مسٽر بيلارس هن شهر جي صرف هڪ دفعو ئي کوٽائي ڪئي کوٽائي دوران  گهرن جون ڀتيون،ماڻهن ۽ جانورن  جا هڏا لڌا  ويا  ان کانسواءِ  ڪاشي جو سامان شيشا جن تي نقش ٺاهي ۽ چاندي جا زيور ۽ سڪا لڌا ويا پر اسان جي ملڪ ٺهڻ کان پوءِ هڪ دفعو ب هن قديمي شهر تي تحقيق ناهي ٿي سگهي ان قديمي شهر جي اها حالت آهي جوشهر جيڪو 4 ميل ۾ پکڙيل هو سو وڃي ٻه ٽي ايڪڙن تي بچيو آهي ماڻهن قبضا ڪري زمينون آباد ڪري ڇڏيون آهن اتي گهر ٺاهي ڇڏيا آهن ثقافت هن قومي ورثي جي ڪڏهن به سار نه لڌي ۽  نه وري ان تي ڪا وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي.
تاريخ جي بي رحم اٿل پٿل ۾ حڪمران جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ميرن جو قديم قبرستان “ مير شهداد جا قبا” شهدادپور شهر هو بنياد وجهندڙ مير شهداد خان ٽالپربن هوت خان جي نالي پٺيان ميرن جو هي شاهي خانداني قبرستان آهي هي  هي قبا شاهپور چاڪر کان 4 ميل اتر_ اولهه طرف سدا واهه جي ساڄي ڪپ آهي هي قبرستان اٽڪل 1 ايڪڙن تي پکڙيل هو جنهن ۾ 3 مسجدون ۽ ٻيا ڪيترا قبا ۽ قبرون ٺهيل آهن.
ڌيپر گهانگهري جيڪو جهول شهر جي پاسي ۾ آهي. ڌيپر گهانگهري لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ٻڌ ڌرم جي مڙهي وڪر بهار آهي ڌيپر گهانگهري جيڪو هڪ وڏو شهر هو جيڪو آج ڪل پنهنجي آثار ختم ٿيڻ جا ڏس ڏي پيو، گڙنگ بنگلو حر تحريڪ جو مرڪزي هيڊ ڪواٽر هو ، هو به پنهنجي تاريخ ماڳ وڃائي پيو، گڙنگ بنگلو ۾ حرن پنهنجي تحريڪ هلائي ، اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو مرڪز آهي.
جيڪڏهن هن قومي ورثي جي سار نه لڌي وئي ته هي هميشه لاءِ ميثار جي ويندو.

پروفائيل
محمد مبين وساڻ
ضلعي سانگهڙ ۾ تعليمي شعور پکيڙڻ جي حوالي سان وڏن ڪردارن جنم ورتو آهي جن تعليم واري شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي نمايان طور مڃرايو آهي اهڙين شخصيتن نه صرف سماجي ڪمن ۾ پڻ پاڻ مڃايو آهي جن مان محمد مبين وساڻ به آهي هن تعليم جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي پر ڪڏهن به رتي  برابر لالچ نه رکي. جنهن ڪري سانگهڙ ۾ سندس نالو وڏين هستين جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
محمد مبين وساڻ ولد غازي محمد حسن ٽڪر سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ڪانڍيرو وساڻ ۾ 5 اپريل 1965ع تي ڄائو هو هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪانڍيرو وساڻ ۽ مئٽرڪ گونمينٽ هاءِ اسڪول  سانگهڙ مان حاصل ڪئي.
1980ع ۾ ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ انٽر جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ پوءِ  ساڳي ڊگري  ڪاليج ۾ بي _ اي  ريگولر ڪيائين سندس اعزاز جي ڳالهه آهي ته پاڻ 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ مسلم هسٽري ۾ ليڪچرار ٿيو، 1 آڪٽوبر 1991ع تي مٺي ڪاليج ٿر ۾ پوسٽنگ ٿي محمد مبين وساڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪئي هن کانپوءِ ٻين شاگردن هن کي ڏسي مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وک وڌائي .
پاڻ طبيعت ۾ تمام گهڻي سادگي پسند ۽ نرم دل آهي،۽ هميشه پنهنجي ڪمن ۾ مصروف نظر ايندو ايه کيس سنڌي ادبي خاص طور تي حر هسٽري سان وڏو لڳاءُ آهي ننڍي هوندي کان ئي مختلف قسمن جا ادبي ۽ حر هسٽري جا ڪتاب مئگزين ۽ ڊائجيسٽ  وڏي شوق سان پڙهندو  ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۽ ٻين فورس تي شآگردن لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ رهنمائي جهڙا تعليمي آرٽيڪل لکندو رهندو آهي.
جيڪڏهن تعليم ۾ سڌارو آڻڻو آهي ته سڀ کان پهرين پنهنجي اندر مان لالچ ختم ڪيو، پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيو.


فيچر
جهول
جهول شهر تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو اهم ڪاروبار مرڪز آهي هي شهر سانگهڙ حيدرآباد روڊ تي آباد آهي. جهول شهر جي جاگرافيائي  بيهڪ  هن طرح آهي ته شهر جي آهي ته اولهه طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تاريخ ماڳ “ اڀ پور” واقعي آهي ، اتر ۾ ڳجهيرن ۽ سارڪي ڪنڊي آهن اوڀر ڪنڊ تي گهنڊڻ جو ننڍرو شهر آهي اوڀر طرف تحريڪ جي حوالي سان مشهور ماڳ گڙنگ واقعي آهي جهول شهر جي ڏکڻ ۾ ديهه ڪوٽ بجر آهي جتي سنڌ جي تاريخ جا به اهم يادگار بجر ڪوٽ جو قلعو ۽ ڌيپر گهانگهري جو ٺل آهي . شهر جي اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي برهمڻ آباد عرب دور جو شهر منصوره جا قديم آثار واقع آهن. صنعتي ميدان ۾ جهول شهر ۾ پهرين ڪاٽن فيڪٽري سٺي ڪاٽن فيڪٽري سال 1932ع ۾ قائم ٿي، جديد  الرحمت ڪاٽن فيڪٽري ۽ ماڊرن فلورمل موجود آهن.جهول شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 3000 آهي ، هن وقت جهول ۾ هڪ گورنمينٽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، اردو سنڌي پرائمري، اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر ۽ پوسٽ آفيس جون سهولتون موجود آهن هتي جا ماڻهو اڪثر زراعت سان وابسطه آهن ۽ هتي ڪڻڪ،ڪپهه،ڪمند، مرچ ٽماٽو، جوئر، ٻاجهر، مڪئي ۽ ٻيا فصل پڻ ٿين ٿا. جهول شهر جو تاريخي پسمنظر  انتهائي اهميت وارو آهي هن علائقي جي تاريخ جوگهرائي سان مطالعو ڪجي ته ڪيترائي گمام پهلو سامهون اچي وڃن ٿا. ان حوالي سان اسان ڏسون ٿا، دلور کان  جهول تائين سڄو علائقو، کنڊرن سان ڀريو پيو آهي، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي کنڊر سنڌ جي ٻن قديم ۽ غير معمولي  شهرن برهمڻ آباد ۽ منصوره جا آهن جهول شهر بالڪل لڳو لڳ ڏاکڻين پاسي ڌيپر گهانگهري جو ٺل ملي ٿو آثار قديم جي ماهرن جي مطابق هي ٺل برهمڻ آباد جو حصو آهي ان ٺل جي ڀرپاسي جي کوٽائي دوران جيڪي مٽي جو سخت سرون مليون آهن جن تي ٻڏر ڏرم جون تصويرون چٽيل آهن ڌيپر گهانگهري  جي ٺل لاءِ چيو ٿو وڃي ته هي ٻڌ ڌرم جي مڙهي وڪر بهار آهي ، از انسواءِ ڌيپر گهاگهري جا کنڊر ٻن حصن ۾ ورهايل آهن جن جي وچ ۾ دريا جو پيٽ آهي ، اهو سڄو علائقو ڇهن ميلن جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو،جهول جي اوڀري پاسي 8 ڪلوميٽرن جي فاصي تي هڪ ٻيو تاريخ ماڳ گڙنگ آهي جتي حر تحريڪ جو مرڪزي هيڊ ڪواٽر گڙنگ بنگلو تعمير ڪيو ويو هو، هن شهر جي اوجهه طرف ٻن ڪلوميٽرن تي تاريخي ڳوٺ اڀ پور آهي، ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾ ٽالپرن ۽  لغارين جا خاندان اڀ پور ۾ اچي آباد ٿيا.

No comments:

Post a Comment