يونيورسٽي جي هاسٽل لائيف
(فيچر:زوهيب ڪمال پٺاڻ)
هونئن ته يونيورسٽي جا چار سال زندگيءَ جا رنگين ڏينهن هوندا آھن،جن ۾ نئين ٽھي جوانيءَ ۾ زندگيءَ جا حسين خواب ڏسندي آھي پر ان ۾ هاسٽل لائيف جا رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجا آھن.ڪن ته يونيورسٽي لائيف جي رنگن کي هاسٽل لائيف جي رنگن سان مشروط قرار ڏنو آھي.صبح سوير اٿي ٽوال ڪلهن ۾ اوڍي بالٽي کڻي واش روم جي در تي وهنجڻ لاء قطار ڪري بيهي اندرين جو انتظار ڪرڻ کان ويندي تڙ تڪڙ ۾ سنبري ناشتو ڪري شعبي ۾ پهچي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ پوء وري ڪئنٽين ۾ چانه سموسا کائڻ هڪٻئي سان ٽھڪ ڏئي تاڙيون ملائڻ نوٽس جي ڪاپي ڪرائي ٽاڪ منجهند جو واپس اچي ماني کائڻ سا به اهڙي جيڪا نه وڻندي به کائي ڇڏجي ۽ پوء منجند کان شام چئين وڳي تائين ننڊ ڪري اٿي ڪتابن جو ٿيلهو کڻي سينٽرل لائبريري جو رخ ڪري اسائنمنٽ ٺاهڻ ۽ ٻيو هوم ورڪ ڪرڻ هي سڀ هاسٽل وارن جا رنگ ۽ طور طريقا آھن.وري شام جي پهر ۾ ڄامشوري جي هوائن جو مست ٿيڻ ۽ قهر وارو پهر شروع ٿيڻ ٽولن ۾ نڪري چانه جون سرڪيون ڀرڻ سج لٿي ڦاٽڪ تي وڃڻ لاء پوائنٽ بس جو انتظار ڪرڻ لاء سينٽرل ڪئنٽين لان وٽ قطار ڪري بيهڻ اتان ماني کائي واپس اچي ٿورو گهڻو پڙھڻ ۽ پوء هڪٻئي جي رومن تي وڃي ڪچهريون ۽ مذاقون ڪرڻ رات جي آخري چانهن پيئڻ لاء وري بلاڪس هاسٽل تي مامي برفت واري ڪئنٽين تي چانه پيئڻ لاء وڃڻ (جتي اڪثر جلال چانڊيو جا گيت هلندا آھن) جنهنڪري ڪجه شاگرد جلال واري ڪئنٽين به چوندا آھن.اتان واپس اچي هاسٽل جي ڇت تي اڪثر ڇوڪرا چڙھي يا ته سگريٽ جا ڪش هڻندا ۽ فون تي ڳالهائيندا آھي يا وري ٽولي ۾ ويهي واري واري سان شاعري ٻڌائيندا ۽ جهونگاريندا آھن.جنهن کانپوء رم تي رات دير تائين جاڳندا ۽ اڄڪله سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندا آھن اھڙيءَ طرح هو سمهي وري صبح جو ساڳئي طرح اٿندا ۽ ڪلاس ويندا آھن.
هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي زندگي سادگي سان گذرندي آھي ڇاڪاڻ ته اتي رهندڙ شاگرد اڪثر غريب خاندان سان رهندا آھن.
هاسٽل ۾ رهڻ سان سڄي سنڌ جي نوجوانن جو هڪٻئي سان سماجي تعلق جڙي ٿو جنهنڪري هڪٻئي جي علائقن،رهڻي ڪهڻي،سماجي حالتن جو ڀلي بت پتو پئي ٿو ۽ اڪثر دوستيون ۽ تعلقات هاسٽل ۾ جڙن ٿا. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد رواداري جا قائل ۽ صوفياڻي مزاج جا ٿين ٿا جنهنڪري ڪو ننڍو وڏو مسئلو ٿيڻ جي صورت ۾ هو ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃڻ بجاء هڪٻئي ۾ حل ڪري وٺن ٿا.شاگردن جي ڪچهري جا موضوع سياست،سماجيات،فلسفو مذھب وغيره هجن ٿا جنهن ۾ صحتمند بحث به ٿين ٿا.ادب،آرٽ ۽ شاعري ڏانهن لاڙو رکندڙ ھاسٽلر سٺا ليکڪ به ٿين ٿا منجهن سٺيون روايتون جنم وٺن ٿيون جهڙوڪ هڪٻئي جون سالگراهون ملهائڻ ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي ڪم اچڻ.موڪل جو ڏينهن شاگرد ننڊ جو مزو وٺندا آھن.۽ شام جي وقت ڪرڪيٽ کيڏندا آھن يا حيدرآباد گهمڻ ويندا آھن ۽ موڪل واري رات وري فلم ڏسندا آھن.پيپرن جي ٽائيم هڪٻئي کي تياري ڪرائڻ ۽ گروپ اسٽيڊي جو رجهان به نظر ايندو آھي.
مطلب ته هي سڀ زندگي جا رنگ جيڪي اجتماعي طور اپنايا وڃن ٿا سي هاسٽل لائيف ۾ آھن جيڪي سڀ ٻاهر رهندڙ شاگرد اپنائي نه ٿا سگهن ڇاڪاڻ ته گروپن ۾ رهڻ سبب شاگردن جي ذھني اوسر ۽ تربيت وڌيڪ ٿئي ٿي.
زوهيب ڪمال پٺاڻ
2K14M/C:122